اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان لاڳاپ??ل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته سياحتي م??ڳن تي ٽورسٽ ريزرٽ ۽ عالمي م??يار جا هوٽل قائم ڪندڙن لاءِ حڪومت پاران سهولتن سميت ٽيڪسن ۾ ڇوٽ تي ٻڌل تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جئين انهن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سياحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ع??را?? خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياحت جا بي شمار پوٽينشل موجود آهي، ضرورت ان ??الهه جي آهي ته ان پوٽينشل کي مڪمل طور تي استعمال آندو وڃي ۽ سياحتي م??ڳن تي عالمي م??يار جي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم جهلم ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ واقع ريسٽ هائوسز ۽ ٻين تاريخي م??ڳن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن عمارتن جي بحالي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ما??ل کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سياحت جي حوالي سان التوا ۾ پيل معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم ع??را?? خان ??يو آهي ته سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، سياحتي م??ڳن تي عالمي م??يار جي سهولتن کي يقيني بنايو وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ ٻين صوبائي عملدار به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سياحتي م??ڳن جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ چار سياحتي م??ڳن لاءِ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ مينيجمينٽ لاءِ عالمي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ به چار انٽيگريٽد ٽورازم زونز جي م??سٽر پلان جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ سياحت جي حوالي سان ذيلي قانون ۽ ريگوليشنز کي حتمي شڪل ڏئي وئي آهي ۽ جلد ان جو لاڳو عمل ۾ آندو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ ان جو لاڳو عمل ۾ آندو پيو وڃي. وزيراعظم کي اٽڪ ۽ بالا حصار قلعي کي سياحتي م??ڪز بڻائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سياحتي م??ڳن تي ايئر سفاري سروس جاري ڪرڻ لاءِ سول ايوي ايشن پاران پنهنجي قاعدن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ نجي شعبي جي لاءِ بي شمار موقعا پيدا ٿي چڪا آهن. اجلاس کي م??تلف سياحتي م??ڳن لاءِ ڊيسٽينيشن مينيجمينٽ پلان جي تياري جي حوالي سان هن وقت جي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سياحت جي فروغ لاءِ چئني صوبن ۾ سينٽر لائزڊ ٽورازم ويب سائيٽ مڪمل طور تي فعال آهي، گورنمينٽ ريسٽ هائوسز ۽ گورنر هائوسز کي عوام جي لاءِ دستياب ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.