اسلام ??باد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي ??ڪومتن ??ي سهڪار سان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. اها هدايت وزيراعظم قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ جائزي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ تعليم واري وفاقي وزارت ??ي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليمي نصاب ۾ شامل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ان ڏس ۾ سمورن مڪتب فڪر خاص طور تي عالم سڳورن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي ??هي. استادن جي ٽريننگ ۽ امتحانن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته سيرت النبي ﷺ ئي ??سان جي نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. آخر?? نبي ﷺ ??ي سيرت جو سڀ ??ان اهم رخ اخلاق ۽ ادب ۽ حسن طرز زندگي آهي. هن چيو ته سمورن معاشرتي مسئلن جو بهترين حل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات ۾ موجود آهي، تاريخ اسلام ??ان گڏوگڏ رسول الله ﷺ جي حيات مبارڪه مان چونڊ سنهري اصول ٻارن کي پڙهايا ۽ سمجهايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي ??ڪومتن ??ي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي.