اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي انٽرنيشنل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار جي لڳ ڀڳ ويزا جاري ڪيا ويا آهن، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، افغانستان ??ي صورتحال جي حوالي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان ج?? ويجهو رابطو آ??ي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ افغانستان جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اتان جي عوام کي ڪرڻي آهي، اسان جي ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري صحافين، انٽرنيشنل ميڊيا جي ميمبرن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف سفارتخانن جي عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان اٽڪل 1400 ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ سهولت ڏني. هن وقت تائين پاڪستاني سفارتخاني اٽڪل 4 هزار ويزا جاري ڪيا جڏهن ته 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍي?? ويو آ??ي.