اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جو پارلياماني معامن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جوڙيل ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلا?? ۾ ??نفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين خصوصي دعوت تي اجلا?? ۾ ??ريڪ ٿيو. نادرا چيئرمين، پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ سائنس ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن به اجلا?? ۾ ??رڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي نادرا چيئرمين ٻڌايو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس ۽ آئين موجب ن??ام جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هن سال اندر مڪمل ٿيندو، ان نئين ن??ام ۾ انتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي مڪمل ڌار رکيو ويندو ۽ ووٽ جي رازداري کي قائم رکيو ويندو. نادرا چيئرمين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هن اليڪشن ڪميشن کي به پنهنجي موجوده ن??ام جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن کي هن ساراهيو ۽ اصولي طور تي اهو ڪم نادرا کي ڏيڻ جو اشارو ڏنو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته نادرا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ماهرن جو اجلاس اڄ 4 آگسٽ تي ٿيندو جنهن ۾ مشاورت سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي 9 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي ايندڙ اجلا?? ۾ ??ور هيـٺ آڻيندي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ نادرا چيئرمين کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن سان اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا هڪ پيج تي اچي ر??يا آهن، هن هدايت ڪئي ته هو بريفنگ مختلف پارلياماني ڪميٽين ۾ به پيش ڪرڻ لاءِ تيار رکي.