اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪي ۾ منعقد انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي اقتص??دي سهڪار تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل ه??دي سليمان پور سان غير رسمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اقتص??دي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان جي متحرڪ ڪردار، اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اقتص??دي سهڪار تنظ??م جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان علائقائي اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان اقتص??دي سهڪار تنظ??م جي فريم ورڪ جي روشني ۾ ميمبر ملڪن سان گڏيل واپار، اقتص??دي ترقي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻيون ڪوششون ڪتب آڻي رهيو آهي.