اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي گلبرگ گرينز اسلام آباد ۾ ا?? جي ٽاورز رهائشي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي شبعي ۾ سيڙپڪاري لاءِ وسيع گنجائش موجود اهي، حڪومت نجي شعب?? جي حوصلا افزئي لاءِ مراعتن تي ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ هائوسنگ يونٽس جي کوٽ کي نجي شعب?? جي حصيداري سان ختم ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته نجي ۽ سرڪاري شعبو گڏجي هائوسنگ جي شعبي ۾ مختصر ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري ڪري سگ??ن ٿا، ڪورونا وبا جي باوجود هائوسنگ ۽ تعميرات?? جي شعبي ۾ وسيع پيماني تي سيڙپڪاري جو رجحان حوصلي وارو آهي، هائوسنگ ۽ تعيمرات شعب?? جي ڪري ڪيترن ئي ٻين صنعتن کي به سهارو ملندو آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ ??دد ملندي آهي.