اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??صو??ي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مختلف قسمن جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طر??قي??ار جوڙيو وڃي، معذوري سرٽيفڪيٽ سان حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان جامع قدم کنيا وڃن. هو مختلف قسم جي معذوري جي رجسٽريشن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ خاص مددگار ??يش??ل هيلٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊي??يش?? ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪ??يٽ??ي عامر اشرف خواجه، گهرو وزارت جي اسپيشل سيڪ??يٽ??ي شير عالم محسود، نادرا چيئرمين خالد لطيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدر سمورن لاڳاپيل ڌرين کي ??صو??ي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ??ند?? مختلف قسم جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طر??قي??ار جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ??صو??ي ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ انهن جي رجسٽريشن جي عمل کي هموار ۽ تيز ڪرڻ ضروري آهي، صدر چيو ته ??صو??ي ماڻهن لاءِ معذوري سرٽيفڪيٽ تمام اهم آهي ڇو ته ان جي ذريعي حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان موقعي تي صدر کي ??يش??ل هيلٿ سروسز ۽ ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت ۽ نادرا پاران ??صو??ي ماڻهن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪم تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.