ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي پن??اب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پن??اب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پن??اب جي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري ت??ري?? کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پن??اب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙ?? طرح هن قبضا گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي، قبضا گروپ هڪ لعنت آهي جيڪي غريبن ۽ ٻاه??ئي?? ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي محنت جي ڪمائي کان مح??وم ڪن ٿا، ماڻهو قبضا گروپن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.