اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت ??وٽ??س ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسر?? جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسر?? جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن کي شوڪاز ??وٽ??س جاري ڪيا ويا آه??. و??يراعظم آفيس پاران 833 آفيسرن کي محتاط رهڻ ج?? هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس 403 سرڪاري آفيسر?? جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ج?? خط جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسر?? جي ناقص ڪارڪردگي جو ??وٽ??س ورتو هو.