اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سال 21 -2020ع لاءِ ڪابينا جي سامهون ڪڻڪ جي گهٽ کان گهٽ امدادي قيمت 1600 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز پ??ش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي سي سي ??ريڊنگ ڪارپوريشن لاءِ شروعاتي طور تي مختص ڪيل 1.50 ملين ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ جي ماپي کي 1.80 ميلن ميٽرڪ ٽن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن فيبروري جي وچ ڌار?? خيبرپختونخوا ۽ سنڌ لاءِ اضافي 0.30 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، اي سي سي 3 نومبر کانپوءِ مدي ۾ ايگري ٽ??ڪ ۽ فاطمه فرٽيلائيزرز لاءِ 772 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي اگهن جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.